ڀانڊو رتو

ڀانڊو رتو: تعلقي رتيديري جي هڪ ديهه جو نالو، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ڀانڊو قبو، گل محمد سيال، محمد حسن جلباڻي، ٻڍو جلباڻي، فتح محمد گھوٽو، يار محمد جلباڻي ۽ ڳوٺ ڀانڊو رتو جلباڻي.
ڀانڊو قبو موهن جي دڙي جي سهيوڳي ماڳ طور به سڃاتو وڃي ٿو. هن ديهه ۾ ئي رتي جلباڻيءَ جو قبو به آهي، جنهن جي نالي پويان رتيديري جو شهر ٻڌل چيو وڃي ٿو.


لفظ ڀانڊو رتوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو